چنگيز اعتماتوف

چنگيز اعتماتوف

چنگيز اعتماتوف

چنگيز اعتماتوف (Chinghiz Aitmatov): عالمي ادب ۾ ڪهاڻيڪار طور مشهور اديب چنگيز اعتماتوف جرمنيءَ جي نيورمبرگ علائقي ۾ 12 ڊسمبر 1928ع تي جنم ورتو. غربت جي ماحول ۾ اک کوليائين. ننڍڙي ڄمار ۾ يتيم ٿيو. ڏهن ورهين جي عمر ۾ ٽن ننڍن ڀائرن، ڀينرن ۽ ماءُ جي جياپي لاءِ زمين تي ڪم ڪرڻ لڳو. ٿورو وڏو ٿيو ته ’سلوطري اسڪول‘ ۾ داخل ٿيو، جتان نڪري زرعي اداري جو رخ ڪيائين. ٽن سالن تائين ’گهوڙن جي ڊاڪٽر‘ جا فرض سرانجام ڏنائين. خچرن، گهوڙن، رڍن ۽ ٻڪرين جون ڀڳل ٽـنـگون جــوڙيـندو ۽ انـهـن جـي نـسل ۽ صحتمند زندگيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. ڪجهه وقت بعد جانورن جي اسپتال ڇڏي، صحافيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لـڳـو. اخبـاري انتـظاميـه سـندس اهـليت ۽ شــوق کـي ڏسـي کـيـس اسـٽاف ۾ شـامـل ڪيو.
چنگيز اعتماتوف 22 ورهين جي عمار ۾ ڪهاڻيون ۽ خاڪا لکيا، 30 سالن جي ڄمار ۾ هن پهريون شاهڪار ناول ’جميله‘ لکيو، جيتوڻيڪ هي ناول مختصر هو، پر مقصد جي خيال کان جامع ۽ بلند مقام رکي ٿو. هن ناول چنگيز اعتماتوف کي سڃاڻپ ڏني ۽ عالم، اديب ۽ پڙهيل ماڻهو سندس تعريف ڪرڻ لڳا. ٽن سالن جي عرصي کانپوءِ مشهور يورپي اديب لوئي آراگان سندس اول جو فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪيو. ان ترجمي ڇپجڻ کانپوءِ چنگيز اعتماتوف جو شمار عالمي ادب جي اهم ليکڪن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ سندس شهرت اوڀر ۽ اولهه ۾ پکڙي وئي. لکڻ سان چنگيز اعتماتوف جي عشق جو سڀ کان پهريون اظهار ’جمليه‘ (ناول) آهي. هي ناول سندس ادبي زندگيءَ جي شروعات هئي. ان بعد هن مسلسل لکيو. هن جيڪي شاهڪار ڪتاب لکيا، تن ۾: ’روبرو‘، ’ڪونجون صبح دم اڏامن ٿيون‘، ’الوداع‘، ’سفيد برسات‘، ’ڪناري تي ڊڪندڙ ڪتو‘، ’سفيد جهاز‘ ۽ ’هڪ صديءَ کان وڌيڪ ڊگهو ڏينهن‘ خاص طور تي ڳڻائي سگهجن ٿا. ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ چنگيز اعتماتوف ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو نقشو چٽيو آهي.
هن 10 جون 2008ع تي وفات ڪئي


لفظ چنگيز اعتماتوفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.12.12  عيسوي

عالمي ادب ۾ ڪهاڻيڪار طور مشهور اديب چنگيز اعتماتوف جرمنيءَ جي نيورمبرگ علائقي ۾ 12 ڊسمبر 1928ع تي جنم ورتو.


2008.06.10  عيسوي

هن 10 جون 2008ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديقي جهانگير
ڇتراڻي محمد امين
امانت مغل
ثريا 1
سيد صلاح الدين شاهه
جوکيو منظور
عطاء الله خان مينگل سردار
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
راهوجو منير گوزائي
پونجراج مل ڪيسراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون